سنڌي نه پڙهائڻ خلاف ايس ايس ٽي جو احتجاج

اسلام ڪوٽ(رپورٽ صدام بجير )سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر طرفان اسلام ڪوٽ پريس ڪلب اڳيان اينگرو اسڪولن ۾ سنڌي ميڊيم نہ پڙھائڻ ۽ ڪتابن جا اڌ پئسہ وٺڻ خلاف سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪبير ڀيل، ضلعي صدر ڪشور جئپال، لکميچند ڀيل، هاري تحريڪ جي صدر ڪلتار ميگهواڙ، رحمن نھڙي، سجاڳ ٻار تحريڪ جي ضلعي صدر نارائڻ سنڌي، جبار هاليپوٽو ۽ دليپ ڪمار جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. احتجاج کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تہ پرائمري جي تعليم ٻارڙن کي پنھنجي مادري ٻولي سنڌي ۾ ڏني وڃي.ٿر ۾ اينگرو جي اسڪولن ۾ پرائمري جي ميڊيم سڄي اردو ۾ آھي ٻارڙن کي سمجھ ۾ نٿي اچي تنهن جي ڪري ٻارڙن کي پنهنجي ماءُ جي ٻولي سنڌي ۾ تعليم ڏني وڃي ۽ ٻيو اينگرو طرفان تعليم بلڪل مفت ڏني ويندي آھي پر ٽي سي سي ايف ۽ ڪجھ ٻيا ادارا ٻارڙن کان ڪتابن، اسٽيشنري ۽ اڌ فيس وٺن ٿا. سنڌي شاگرد تحريڪ مطالبو ٿي ڪري تہ سنڌي ٻولي کي نظر انداز ڪرڻ ۽ شاگردن کان ڪتابن جا اڌ پئسه وٺڻ بند ڪري سنڌي ميڊيم ۾ بلڪل مفت تعليم مهيا ڪئي وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اينگرو ڪمپني اڳي ئي گهڻا ظلم ڪيا آھن پر هاڻ جيڪڏھن اينگرو جون اسڪولون سنڌي ميڊيم پڙھائڻ لازمي قرار نه ڏيندا ته اسين اينگرو جي اسڪولن جو بائيڪاٽ ڪنداسين ۽ اسان جا ٻار اينگرو جي اسڪولن ۾ تعليم نه پرائيندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو