سنڌي ججن سان ماٽيلي وارو سلوڪ آخر ڇو؟

ليکڪ   ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

گذريل ٻن ڪالمن ۾ آئون هن اهم اشو تي لکي چڪو آهيان ته سنڌ جي بار ۽ بئنچ جي وچ ۾ مايوسي پکڙجي چڪي آهي، هن وقت ڪير مڃي يا نه مڃي پر وفاقي حڪومت جي ذميوار وزير فواد چوڌري پڻ سڀ آئين جا ليڪا لتاڙي وڪيل برادري جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو آهي، آئون اهڙن ماڻهن تي ڪجهه لکڻ وقت جو زيان ٿو سمجهان، ڀلي پوءِ ڪير به هجي، جيڪڏهن ڪنهن سان ناانصافي ۽ ڪنهن سان بي واجبي ٿيندي ڏسندي ۽ ٻڌندي ان کي ننديو نه وڃي ته انهن جو ضمير ملامت ئي نٿو ڪري. اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته سنڌ سان تعلق رکندڙ سنڌي ججن سان اهڙو ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڇو پيو ڪيو وڃي. اڳ ته اسان ڪڏهن ائين ڪو نه ٻُڌو، جڏهن خود سپريم ڪورٽ جو مقرر چيف جسٽس پاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ترقي ڏئي سينارٽي جي بنياد تي عدالت عظميٰ ۾ مقرر ڪندو هو، نتيجي ۾ ڪيترائي جج سنڌ مان ترقي ڪري سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪيا ويا، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي ميرٽ تي هٿ ٺوڪيا سوال اٿاري بهانا ڪيا پيا وڃن ته هن کي پروموٽ نه ڪجي. جيڪڏهن ملڪ جي اهڙين وڏين عدالتن ۾ به ميرٽ جي لتاڙ ڪئي ويندي ته هي ملڪ ڪيئن ترقي ڪري سگهندو ۽ هتي انصاف جو ڪيئن مان مٿانهون ٿيندو؟

جيڪڏهن چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ ۽ سندس چئن ٻين ججن جن ۾ جسٽس عرفان سعادت، جسٽس عقيل احمد عباسي سميت ٻين معزز جج صاحبان کي باءِ پاس ڪري پنجين نمبر واري جج جسٽس محمد علي مظهر کي سپريم ڪورٽ ۾ رکيو ٿو وڃي ته ملڪ جي اعليٰ عدالتن ۾ ميرٽ جي لتاڙ تي آڱريون کڄنديون. جڏهن به جوڊيشري کي ميري اک سان ڏٺو ويو آهي ته پوري ملڪ مان سنڌ جي بار ۽ ان سان لاڳاپيل وڪيلن پاڻ ملهايو آهي. هن وقت وڪيل ڪورونا وائرس جي پکيڙ سبب لاڪ ڊائون ۽ ٻيون پابنديون لڳڻ ڪري اڳ ئي معاشي طور پٺتي ٿي چڪا آهن، مٿان وري ججن جي مقرري واري مامري تي هڪ ڀيرو ٻيهر عدالتي ڪارروايون بند ڪرائي احتجاج ڪرايو پيو وڃي.

سنڌ بار ڪائونسل، هاءِ ڪورٽ ۽ ڪراچي بار ايسوسيئيشن پاران جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ تازو ئي سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ مقرري لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ججن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، جسٽس محمد علي مظهر هڪ قابل جج آهي پر سينيارٽي ۾ پنجين نمبر تي آهي، سنڌ مان، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس، سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو وڃي ها. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ کان سپريم ڪورٽ تائين ججن جي مقرري لاءِ هدايتون موجود آهن، جڊيشل ڪميشن پاران سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي تقرري جي طريقيڪار کي شفاف بڻائڻ گهرجي.

پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي اڄ جڏهن سپريم ڪورٽ جوڊيشنل ڪائونسل جو ٻيهر اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ مان چئن ججن جي ميرٽ کي لتاڙي پنجين نمبر واري جج کي مقرر ڪرڻ ٻيهر غور ويچار ڪيو ويندو. ڪالهه 28 جولاءِ تي سڄي ملڪ ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو، جنهن تحت وڏي انگ ۾ وڪيلن احتجاج رڪارڊ ڪرايو، جن جو سپريم ڪورٽ کان مطالبو آهي ته انصاف جون گهرجون پوريون ڪندي دنيا جون آڱريون کڄڻ کان پهرين جنهن جو حق آهي، ان کي اهو ڏئي انصاف ڪيو وڃي، رهي ڳالهه ميرٽ جي بنياد تي مقرري جي ته وفاقي وزير فواد چوڌري به اها ڳالهه ڪري چڪو آهي، ملڪ جي انهن اسٽيڪ هولڊرز کي اڄ سنڌ جا وڪيل ۽ جج اهو پيغام ڏين ٿا ته توهان اسان جي قابليت تي هڪ آڱر کڻو ٿا پر ان سان گڏ پاڻ ڏانهن چار آڱريون کڻي رهيا آهيون. advocateubedullah@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو