سنڌي ادبي سنگت پاران پريل دايي تي حملي خلاف احتجاج

گھوٽڪي(سليم فضل ڪلهوڙو) پريل دايو مٿان ٿيل قاتلانه حملي خلاف احتجاجي مظاهرو، ملوث سمورن حملي آورن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي گهر ۽ سنڌ ڀر ۾ احتجاجي مظاهرن جو چتاءُ . سنڌي ادبي سنگت شاخ گهوٽڪي پاران سنگت ساس سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل پريل دايي جي مٿان قاتلاڻي حملي خلاف پريس ڪلب گهوٽڪي آڏو سخت احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن سان ڳالهائيندي، سنڌ ترقي پسند پارٽي گهوٽڪي ضلعي جي صدر خالد لاکي، جسقم جي اڳواڻ من فقير گهوٽو، رشيد سنڌي، عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ بادل ملڪ سول سوسائٽي جي اڳواڻ رئوف پارس دايو، سنڌي ادبي سنگت شاخ گهوٽڪي جي سيڪريٽري ايازلطيف دايو،سليم فضل ڪلهوڙو ،منصور فضل ڪلهوڙو، قاضي محبوب،۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته فقير صفت انسان ادبي سنگت جي سرواڻ، صحافي، ليکڪ مٿن دهشتگردن جو حملو هڪ سوچيل سمجهيل سازش آهي جيڪا سموري سنڌ جي ردِ عمل بعد ٿئي ٿي جنهن جو کليل مثال ڪالهوڪي ڏينهن تي سيد زين شاھ جي گرفتاري به آهي، انڪري اسان وس وارن کي اهو ٻڌايون ٿا ته سنڌ جو شعور جاڳي ٿو، شعور کي خاموش ڪرائڻ جون ناڪام ڪوششون نه ڪيون وڃن، جڏهن ته پريل دايو مٿان ٿيل حملي ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ٻئي صورت ۾ اسان جي سموري صوبي به هڪ منظم ۽ مضبوط احتجاجي مهم شروع ڪئي ويندي، التجاج ۾ ساڻن سنڌي ادبي سنگت شاخ سرحد جي سيڪريٽري سڪندر اوڳاهي، هيومن رائيٽس جي اڳواڻ احسان ڪلادي،حامد ڪلوڙ، اسد مير، لطف الله دايو ۽ ٻين ماڻهن سياسي، سماجي، ادبي ۽ صحافين پڻ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو