سنڌو درياءَ تي پنجاب ڌاڙو هڻڻ بند ڪري، هاري ڪاميٽي

حيدرآباد(پ ر) سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدرجتوئي,سينيئرنائب ڪامريڊ حڪم چند,جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمد نواز انقلابي,سوشل سيڪريٽري جبار باغي,فنانس سيڪريٽري ايڊوڪيٽ عالم زيب ميمڻ,پريس سيڪريٽري اعجاز شر پاران گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ اندر پاڻي جي شديد کوٽ آهي سنڌو مان غيرقانوني قبضا ڪري پاڻي کنيو پيو وڃي 91جي ٺاهه تي ڪو به عمل نه پيو ڪيو وڃي پنجاب هميشه پاڻي جي معاملي تي سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي چشما جهلم لنڪ ڪينال جيڪو فِلَڊ ڪينال آهي ان کي ريگيولر وهايو پيو وڃي پاڻي معاملي تي سنڌ سان ظلم ٿي رهيو آهي سنڌ جي هارين, آبادگارن کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي پنجاب هميشه پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي کڻي سنڌ سان ناانصافي ڪري رهيو آهي پاڻي جيئڻ جو سهارو آهي پاڻي تي ڪو به ڪمپرومائيز نه ٿيندو پنجاب جي انهي عمل جي مزمت ڪيون ٿا ان خلاف احتجاج ڪنداسين سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين سنڌ هاري ڪاميٽي آئيني ۽ قانوني رستو اختيار ڪندي اسان گهڻو ڀوڳيو آهي ناانصافي برداشت نه ڪنداسين سنڌ هاري ڪاميٽي سنڌ جو ڀرپور ڪيس وڙهندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو