سني ليون پاران ماضي جي ڪم تي شرمندگي جو اظهار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڀارت جي پهرين پورن اسٽار سني ليون پنهنجي ماضي ۾ ڪيل هڪ پروفيشنل ڪم تي شرمندگيءَ جو اظهار ڪري ڇڏيو. اهڙو اظهار هن او ٽي ٽي پليٽ فارم لاءِ ٺاهيل ڪاميڊي شو جي هڪ ٽريلر دوران ڪيو، جنهن ۾ هوءَ چوي ٿي ته مان سني ليون آهيان ۽ توهان مون کي ماضي جي ڪم (پورن اسٽار)سان ڄاڻو ٿا. ان دوران 40 ورهين جي اداڪارا اهو به چيو ته مون کي ماضي جي ان ڪم تي شرمندگي آهي. پنهنجي ڳالهه جاري رکندي سني ليون بالي ووڊ فلم ”مستي زادي“ جو نالو کنيو، جنهن تي ٻڌي اتي موجود ماڻهو کلڻ تي مجبور ٿي پيا، جڏهن ته انهن ۾ ويٺل سني ليون جو مڙس به مُنهن تي هٿ ڏئي کلندو رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو