سمگلرن پاران سنڌيار جي نمائندي ۽ سندس ڀاءُ تي قاتلاڻو حملو

دڙو (ن س) دڙو ۾ بااثر منشيات فروشن طرفان “سنڌ يار” جي رپورٽر امداد ميمڻ ۽ پ پ ڪائونسلر جاويد ميمڻ مٿان قاتلاڻو حملو. شھزاد ميمڻ سخت زخمي. صحافين جو واقعي خلاف احتجاج, ڌرڻو. 10 جوابدارن خلاف حملي جو ڪيس داخل. دڙو پوليس بااثر حملي آورن آڏو بيوس. ڪابه گرفتاري نه ٿي. خبر موجب دڙو شھر جي ٽيڪسي اسٽاپ تي سنڌ يار جو رپورٽر ۽ سينئير صحافي امداد ميمڻ, دڙو ٽائون جو پ پ ڪائونسلر جاويد ميمڻ ۽ شھزاد ميمڻ ويٺل ھئا. ته 10 جي لڳ ڀڳ بااثر منشيات فروشن ڏنڊن ۽ لوھي سيخن سان مٿن قاتلاڻو حملو ڪري ڏنو. جنھن سبب صحافي امداد ميمڻ, ڪائونسلر جاويد ميمڻ ۽ شھزاد ميمڻ زخمي ٿي پيا. شھزاد ميمڻ کي وڌيڪ ڌڪ لڳڻ سبب کيس دڙو اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آھي. حملي آور بعد ۾ کين جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندي فرار ٿي ويا. واقعي بعد پريس ڪلب دڙو ۽ سنڌ پريس ڪلب جي صدرن اعجاز اختر ميمڻ, طلعت آڪاش ڀٽي, جي ايم شاھ, نواز سومرو, وفا ارشاد, اياز ميمڻ, چندن لاشاري,  شيرازي گروپ جي اڳواڻ علي اڪبر عيساڻي, اڪبر ڀنڀرو سميت شھري ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ وڏي انگ ۾ دڙو ٿاڻي تي گڏ ٿي ويا. ۽ صحافي توڙي چونڊيل ڪائونسلر سميت شھري شھزاد ميمڻ مٿان ٿيل حملي خلاف سخت احتجاج ڪري ڌرڻو ھنيو. جنھن کانپوء دڙو ٿاڻي تي 8 سڃاتل ۽ ٻن نامعلوم ماڻھن سميت 10 جوابدارن خلاف حملي جي اين سي رپورٽ داخل ڪئي ويئي آھي. ھوڏانھن سجاول ضلعي سمورن صحافين جي نمائيندا تنظيم ڊسٽرڪٽ جرنلسٽ فورم جي ضلعي صدر سورج سجاولي, جنرل سيڪريٽري آڪاش زنئور, حاجي محمد صديق ميمڻ ۽ ٻين پاران سمورن صحافين جو ھنگامي اجلاس طلب ڪيو. جنھن ۾ دڙو, جاتي, ميرپوربٺورو, سجاول, چوھڙجمالي, جھوڪ شريف پريس ڪلب جي سمورن اھل قلم ڌڻين ڌڻين طرفان ڊسٽرڪٽ جرنلسٽ فورم جي ضلعي انفارميشن سيڪريٽري ۽ دڙو جي سينئير صحافي امداد ميمڻ, ڪائونسلر جاويد ميمڻ ۽ شھزاد ميمڻ مٿان ٿيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. فوري طور تي ايس ايس پي سجاول امير سعود مگسي سان رابطو ڪري کيس معاملي کان آگاه ڪيو. ۽ فورن ملوث جوابدارن جي گرفتاري سميت صحافي ۽ حملي جي شڪار ٻين ماڻھن کي تحفظ فراھم ڪرڻ جي گھر ڪئي. ٻئي طرف واقعي کي ڪافي ڪلاڪ گذرڻ باوجود دڙو پوليس بااثر حملي آورن کي گرفتار ڪرڻ لاء اڃا تائين ڪک ڀڃي ٻيڻون ناھي ڪيو. جنھن سبب صحافين ۽ رھندڙ باشعور شھرين عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آھن. منشيات فروش ۽ ٻين مختلف سماجي براين ۾ ملوث جوابدار شھر ۾ سرعام ٽولن جي صورت ۾ ھلي خوف ۽ حراس پکيڙي رھيا آھن. صحافين ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سنڌ حڪومت ۽ ايس ايس پي سجاول کان گھر ڪئي آھي. ته دڙو ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ دھشت جي علامت بڻيل بااثر حملي آورن کي گرفتار ڪري صحافين ۽ ٻين پرامن شھرين کي امن فراھم ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ کي وسيع ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو