سموسي تي ٿيل جهيڙي جي هڪ متاثره ڌر جو احتجاج

ٽنڊو غلام حيدر(ميرحسن رند) تلهار شهر ۾ سموسي جي معمولي ڳالهه تان ٻه ڏينهن اڳ ٿيل جهيڙي ۾ چانڊيا برادري جي ماڻهن مٿان داخل ٿيل ايف آئي آر خلاف احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو. سموسي جي معمولي ڳالهه تان چانڊيا  ۽ لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو هو جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا ماڻهو زخمي پڻ ٿيا هئا پر ڪجهه با اثر ماڻهن جي چرچ تي تلهار پوليس ونگار وهندي صرف چانڊيا برادري جي ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو  جنهن جي خلاف اڄ چانڊيا برادري جي مجيد چانڊيو ؛لياقت چانڊيو؛ مصطفي چانڊيو ؛ستار چانڊيو؛ دلبر چانڊيو؛ منظور چانڊيو ؛ محمود چانڊيو؛ بجر چانڊيو؛ سميت  ڳوٺ برڪت چانڊيو ۾ تلهار پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هنن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته  اسين غريب مسڪين مزدوري ڪرڻ وارا ماڻهو آهيون ۽ اسان جو روزگار وغيره جو وسيلو به تلهار شهر ۾ ئي آهي پر پوليس با اثر ماڻهن جي چوڻ تي اسان مسڪينن مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪري بلا وجه  زيادتي ڪئي آهي ۽ اسان جي ماڻهن کي تلهار شهر جي اچ وڃ تي به پوليس پابندي مڙهي ڇڏي آهي. تلهار پوليس چانڊيا برادري جي زخمي ٿيل ماڻهن جو ٻي ڌر مٿان ڪيس داخل به نه ٿي ڪرڻ چاهي جيڪا سراسر زيادتي ۽ ناجائزي آهي جنهن جي مذمت ڪندي اسان وزير اعلي سنڌ؛ آئي جي سنڌ؛ ڊي آئي جي حيدرآباد؛ ۽ ايس ايس پي بدين کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان مٿان داخل ٿيل ڪوڙن ڪيسن کي فوري طور ختم ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو