سمارٽ فون چارجنگ تيز ڪرڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟

ڪراچي(ويب ديسڪ) اوهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته فون چارجنگ سست ڇڏ ٿي ويندي آهي. ان جا ڪافي سبب آهن. هڪ ته فون جي اصل چارجر کي استعمال ڪيو. وقت گذرڻ سان فون جي ڪيبل اندران خراب ٿي ويندي آهي ان ڪري ڪيبل مٽائڻ گهرجي. فون جي چارجنگ سلاٽ ۾ ڪڏهن مٽي يا ڪچرو اچي وڃڻ سبب به چارجنگ سست ٿي ويندي آهي. ڪمپيوٽر جي يو ايس بي مان چارجنگ نه ڪريو ڇو ته ان مان ٻه کان اڍائي واٽ ڪرنٽ ملندو آهي ۽ چارجنگ سست هوندي آهي. اڄڪلهه 12 کان 20 واٽ وارا چارجر مارڪيٽ ۾ دستياب آهن جيڪي ڪمپيوٽر جي ڀيٽ ۾ پنجوڻ کان پندرهوڻ تي وڌيڪ جلد چارجنگ ڪن ٿا ۽ اهي استعمال ڪرڻ گهرجن. سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه ته جيڪڏهن فون بند ڪري چارج ڪندا ته اها جلدي چارج ٿي ويندي. جيڪڏهن بند نٿا ڪريو ته چارجنگ وقت ان کي استعمال نه ڪريو. ڪڏهن ڪڏهن پراڻي چارجر جو ايڊاپٽر ڪمزور ٿي ويندو آهي ۽ ان کي تبديل ڪرڻ گهرجي. اڪثر ماڻهو رات جي وقت چارجنگ تي فون هڻندا آهن ۽ مڪمل چارج ٿيڻ بعد به چارجنگ تي فون لڳل هئڻ سبب بيٽري خراب ٿيندي آهي. هر سمارٽ فون ۾ ايڪسٽرا چارجنگ ڪنٽرولر هوندو آهي پر اڪثر ايئن ڪرڻ سان اهو خراب به ٿي سگهي ٿو ۽ بيٽري ڪمزور ٿيندي آهي. ان جو مثال ايئن وٺو ته اوهان جيڪڏهن تمام گهڻي ورزش ڪندا ته يقينن ٿڪجي پوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو