سمارٽ فون جو لينس خوردبين ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) هاڻ ڪنهن به اسمارٽ فون کي هڪ بٽڻ جيترو لينس لڳائي ان کي طاقتور خردبين ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو.هي حيرت انگيز ايجاد 2018ع کان تحقيق هيٺ هئي ۽ هاڻ ان کي باقاعده وڪرو جي لاءِ پيش ڪيو ويو آهي. هن کي آءِ مائيڪرو ڪيو ٽو جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪو ان کان اڳ ڪيترن ئي نالن سان پيش ٿيندو رهيو آهي. ڊيسڪ ٽاپ خردبين جي ابتڙ هن ۾ دهندلاهٽ جي شرح تمام گهٽ آهي. جڏهن ته اوهان هڪ مائيڪرون تائين جا تفصيل به ڏسي سگهو ٿا. اهڙي طرح جو طاقتور لينس ڪنهن به شيءَ کي 800 ڀيرا وڏو ڪري ڏيکاريندو آهي.ان جي سڀني کان اهم ڳالهه اها آهي ته ڊيسڪ ٽاپ خرد بين جي مقابلي ۾ هن جي قيمت هڪ سيڪڙو آهي. هي هڪ بلند وضاحتي خردبيني لينس آهي  هن ۾ ڊجيٽل، اليڪٽرانڪ ۽ آپٽيڪل يعني سموري قسم جي ميگني فڪيشن ۽ زوم کي استعمال ڪيو ويو آهي. هن خردبين جو وزن نصف گرام آهي ۽ ٿولهه سوا 3 ملي ميٽر آهي. هن کي هڪ ڪارڊ تي چنبڙائي رکيو ويو آهي ته جيئن  هن کي پنهنجي والٽ ۾ ڳولڻ آسان هجي ڇو ته ننهن جي برابر هي اهم ايجاد آساني سان گم ٿي سگهي ٿي. پنهنجي ڊيزائننگ سبب هي ڪنهن به ڪيمري جي لينس سان آساني سان چنبڙي سگهي ٿي.هن کي تيار ڪندڙن پنهنجي خردبين کي ڪيترن ئي قسمن جي اسمارٽ فون سان جوڙيو آهي. هاڻ هن ڪارآمد ايجاد جي قيمت به ڄاڻي وٺو. جيڪا صرف 39 ڊالر آهي ۽ هاڻ ان جي خريداري سڄي دنيا ۾ ورهاست شروع ٿي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو