سماج ۾ نا انصافين خلاف آواز اٿارڻ گهرجي، اُم رباب

مانجهند )رپورٽ مهراڻ عمراڻي)ميهڙ ٽرپل مرڊر ڪيس جي مدعي ۽ سنڌ جي مظلوم نياڻي اُم رباب چانڊيو چيو آھي ته سماج جي هر ناانصافي خلاف وس آھر جدجهد جاري رهندي سندس خاندان جي فردن کي ظالم سردارن صرف ناانصافين خلاف آواز اٿارڻ تي شھيد ڪرايو پر حق سچ جو آواز اٿارڻ جو سلسلو جاري رهندو عدالت مان کيس وڏيون اميدون آھن پر ٿوري دير ضرور ٿئي پئي.  هن اهڙو اظهار حيدرآباد ۾  نشي ۾ ڌت مڙس هٿان قتل ڪيل 4 ٻارن ماءُ قرت العين جي وارثن سان همدردي بعد مانجهند ۾ سماجي شخصيت ربنواز کوسو رضا محمد تنگهياڻي  مسمات حاجاڻي برهماڻي طرفان ڏنل آجياڻي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيون. ام رباب وڌيڪ چيو ته  ملڪ ۾ انصاف ملڻ شروع ٿي وڃي ته ڏوهارين کي ڏوهه ڪرڻ جي جرئت نه ٿيندي پ پ سرڪار انصاف تعليم صحت روزگار سميت هر بنيادي سهولت فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي تڪ جا نمائندا ڏک سک ۾ گڏ ناهن ته انهن کي ووٽ نه ڏيڻ گهرجي  سياست بهتر عمل آھي پرفي الحال سندس ڪوبه ارادو ناهي  هاڻي سوچي سمجهي فيصلا ڪرڻا پوندا ان موقعي تي رئيس نادر علي چانڊيو غلام رسول کوسو محمد موسي کوسو پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو