سماجي تنظيم امان فائونڊيشن غريبن ۾ گرم ڪپڙا ورهايا

ڪنڊيارو (اسد جعفري) سماجي تنظيم امان فائونڊيشن پاران غريبن ۾ جڪيٽ، جرسين سميت گرم ڪپڙا ورهايا ويا. ان موقعي تي سيد عابد علي شاھ، مهوش ڪنول گهانگهرو، علي نقي، ياسر عرفات، لياقت ملاح، صداقت لنجار صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آھي غريب ماڻھن کي جيڪيٽ جرسي وٺڻ جي طاقت ناهي مهانگائيءَ سبب غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن  جنهن ڪري اسان اڄ امان فائونڊيشن پاران غريبن ۾ گرم ڪپڙا ورهايا آھن.

اسان اڃان به تعلقي اندر غريبن ۾ گرم ڪپڙا ورهائيندا رهنداسين. ان موقعي تي گرم ڪپڙا وٺندڙن پاران امان فائونڊيشن جي اڳواڻن لاءِ دعائون گهريون ويون سندن چوڻ هو ته اڄ جي دور ۾ ڪير ڪنهن جو ناهي امان فائونڊيشن جس لهڻي جن غريب جي سار لهندي گرم ڪپڙا ورهايا اهڙو ڪم سرڪاري ڪامورن کي ڪرڻ کپندو پر سرڪاري ڪامورا ته غريبن لاءِ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو