ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سليڪٽڊ وزيراعظم هڪ سليڪٽڊ بجيٽ ٺاهيو جنهن کي قبول ٿيڻ نه ڏينداسين.پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري قومي اقتصادي ڪائونسل جي فيصلن تي خدشن جو اظهار ڪندي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ صحت ۽ تعليم جي لاءِ وڌيڪ فنڊ رکڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پ پ چيئرمين چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ صحت کاتي جي لاءِ صرف 30 ارب روپيه رکڻ عوام کي ڪورونا وائرس جي وبا حوالي ڪرڻ جي برابر آهي. صحت جي لاءِ بجيٽ ۾ صرف 3.3 سيڪڙو فنڊز رکي تحريڪ انصاف جي حڪومت واضح ڪري ڇڏيو ته عوام جي صحت انهن جي اولين ترجيح ناهي رهي.تحريڪ انصاف جي اسيمببلي ميمبرن کي خوش ڪرڻ جي لاءِ بجيٽ ۾ 68 ارب ۽ وبا کان بچڻ جي لاءِ صرف 5 ارب روپين جو فنڊ رکڻ عوام دشمني آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته تعليم جي لاءِ بجيٽ ۾ صرف 5.5 سيڪڙو فنڊز رکي عمران خان قوم جي مستقبل سان هڪ مذاق ڪيو آهي. جيڪڏهن روڊ ٺاهڻ سان ملڪ ترقي ناهي ڪندو ته پنهنجي حڪومت جي آخري ۽ پهرين ترقياتي بجيٽ ۾ 38 سيڪڙو جو اضافو ڇو ڪيو ويو پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان ترقياتي بجيٽ کي به سياسي انداز سان ورهائي ملڪ ۾ احساس محرومي کي وڌائي ڇڏيو. بجيٽ ۾ صحت کاتي ۽ تعليم کي نظر انداز ڪري ايندڙ ٻن سالن تائين شايد ڪڏهن به نه مڪمل ٿيندڙ منصوبن جي افتاح سان عمران خان ان صوبن جي لاءِ وڌيڪ ترقياتي بجيٽ رکي اهو ثابت ڪيو ته هو پاڻ کي سموري پاڪستان جو وزيراعظم نٿو سمجهي. وزيراعظم هڪ سليڪٽيڊ بجيٽ ٺاهيو آهي جنهن کي ڪنهن به طور تي قبول ٿيڻ نه ڏينداسين.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو