سلمان شهباز جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري

لاهور(م ڊ) لاهور جي احتساب عدالت جي جج عامر محمد خان نيب جي درخواست تي قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ميان شهباز شريف جي لنڊن ۾ موجود پٽ جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کيس گرفتار ڪري 10 آگسٽ تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. نيب چيئرمين هن جا گرفتاري وارنٽ 3 اپريل تي جاري ڪيا هئا. جون ۾ حمزه شهباز ۽ سلمان شهباز جي فرنٽ مين مئجسٽريٽ سامهون بيان ڏنو هو ته هن 60 ڪروڙ روپين برابر پرڏيهه مان آيل رقم ٻنهي ڀائرن جي کاتن ۾ جمع ڪرائي هئي. مشتاق چيني نالي فرنٽ مين رمضان شگر ملز جو هول سيل جو ايجنٽ آهي تنهن چيو هو ته هن مني لانڊرنگ ذريعي پنهنجي ڪمپني معرفت رقم سندن کاتن ۾ جمع ڪرائي هئي. نيب جو چوڻ آهي ته حمزه جي مختلف بئنڪ اڪائونٽس ۾ 2006 کان وٺي 2017 تائين 50 ڪروڙ روپين جو بيلينس رهيو آهي. هن جي کاتن ۾ 18 ڪروڙ 10 لک جي برابر پرڏيهه مان رقم جمع ٿي. جڏهن ته 2 ارب 11 ڪروڙ روپيا سندس ڀاءُ، والده ۽ بي نامي ملازمن جي کاتن ۾ آيا.

پهنجو تبصرو موڪليو