سعودي عرب عمرو ادا ڪرڻ تي پابندي ختم ڪري ڇڏي

رياض (ويب ڊيسڪ)سعودي حڪومت عمري تي 7 مهينن کان لڳل پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي، آچرکان مسجدالحرام ۾ عمري جي ادائيگي مرحليوار شروع ٿي وئي آهي. عمري جي اجازت ٽن مرحلن ۾ ڏني وئي آهي، شاهي فرمان موجب ايس او پيز تحت پهريون مرحلو 4 آڪٽوبر يعني اڄ کان شروع آهي جنهن ۾ 6 هزار سعودي شهري ۽ اتي موجود پرڏيهي مسلمان عمري جي سعادت حاصل ڪندا. ٻئي مرحلي ۾ 18 آڪٽوبر کان روزانو 15 هزار ماڻهن کي عمري جي اجازت ڏني ويندي، پهرين نومبر کان ٽئين مرحلي ۾ ملڪ کان ٻاهر روزانو 20 هزار زائرين عمري جي سعادت لاءِ اچي سگهندا،جڏهن ته سٺ هزار ماڻهن کي مسجدالاحرام ۾ نماز پڙهڻ جي اجازت هوندي. ياد رهي ته ڪورونا وائرس سبب هلندڙ سال مارچ ۾ سعودي حڪومت عمري جي ادائيگي تي پابندي هڻي ڇڏي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو