سعودي جنگي جهاز تباهه، حوثي باغين پاران ذميواري قبول

رياض(ويب ديسڪ) سعودي عرب جو جنگي جهاز يمن ۾ ڪري تباهه ٿي ويو آهي. سعودي عرب جي سرڪاري نيوز ايجنسي ايس پي اي موجب واقعي جي تصديق سعودي عرب جي اتحادي فوجن جي ترجمان به ڪئي آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته ٽارنيڊو جنگي جهاز معاونتي پرواز تي هو، جيڪو حوثي باغين جي ڪيمپن لڳ ڪري تباهه ٿيو آهي. يمن جي حوثي باغين ان جهاز کي ڪيرائڻ جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي. ياد رهي ته يمن جي گادي واري شهر صنعا ۾ 2015 ۾ سعودي نواز سني حڪومت ختم ڪري حوثي باغي جن م اڪثريت شيعن جي آهي، تن قبضو ڪيو هو. جنهن بعد سعودي عرب پاڪستان جي اڳوڻي آرمي چيف راحيل شريف جي سربراهي ۾ مختلف اسلامي ملڪن جي اتحادي فوجن تي مشتمل گڏيل مزاحمتي فورس تيار ڪئي هئي جيڪا 2015 کان حوثي باغين خلاف ڪاروايون ڪري رهي آهي. هن مهل تائين هزارين ماڻهو مري چڪا آهن ۽ اڍائي ڪروڙ آبادي پريشان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو