اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سعد رفيق پاران ڪيل گناهن تي ريلوي وارو وزير اعظم سواتي ڇو استعيفيٰ ڏئي.ڏهرڪي ۾ ٿيندڙ حادثي تي ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته ٽرين حادثن جا سبب ڄاڻڻ کان اڳ ڪوبه بيان ڏيڻ وقت کان اڳ آهي. حادثي جي شروعاتي جاچ جاري آهي. حادثي جو سبب دهشتگردي، ٽيڪنيڪي خرابي آهي يا انساني غلطي ڪجهه چئي نٿو سگهجي. فواد وڌري چيو ته ٽرين حادثي جي جڳهه امدادي ڪارروايون جاري آهن.ريلوي وارو وزير اعظم سواتي ڪجهه دير ۾ حادثي واري جڳهه پهچي ويندو. ٽرين حادثي ۾ جنهن حياتين جو نقصان ٿيو ان خاندانن جو ڏک دلاسن کان سواءِ ڪجهه به نٿو ٿي سگهي. ٽرين حادثي جي سببن جو مڪمل جائزو وٺڻ گهرجي.وزيراعظم عمران خان ٽرين حادثي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته ماضي ۾ ڪنهن به کاتي ۾ ڪم ناهي ٿيو. اسان هر ڪم زيرو کان شروع ڪري رهيا آهيون. ماضي ۾ جيڪي حڪمران رهي چڪا آهن انهن ڪجهه به نه ڪيو. سعد رفيق جي ڪيل گناهن تي اعظم سواتي ڇو استعيفيٰ ڏئي. اسان ته ايم ايل ون تي ڪم شروع ڪيو آهي.
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب راند شروع نه ٿي سگهي
پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،ايڪس
منشيات فروشن خلاف ڪاروايون، گرفتاريون، سامان ضبط
نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا انتظام مڪمل
پارليمنٽ گڏيل اجلاس،صدر جو خطاب،اپوزيشن جو احتجاج
پي ٽي آءِ وارن سان ملڪ دشمن جهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي: خواجا آصف
اڊيالا جيل ۾ دهشتگرد حملي جو خدشو ظاهر
عدالتي معاملن ۾ مداخلت، بار جو سپريم ڪورٽ سان رابطو
قادر پٽيل جي ڪاميابي چئلينج، عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا
نواز شريف چوندو آهي ته پاڙيسري سان نه وڙهڻ گهرجي: مريم نواز
پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مضبوط آهن، رپئي جو قدر نه گهٽبو
9 مئي سانحي وارا اڄ ملڪي مفاد تي حملا پيا ڪن: تارڙ
ڪي پي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ ڊينگي پکڙجڻ جو امڪان
پرويز خٽڪ پاران پ پ ۾ شموليت لاءِ ڪوششون تيز
مدي خارج آءِ ڊي ڪارڊن تي جاري سمون بند ڪرڻ جو حڪم
پنجاب ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي استعمال تي پابندي لاڳو
دهشتگردي خلاف پاڪستان جي حمايت ڪريون ٿا: آمريڪا