سرڪي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاج

ڪنڌڪوٽ/ ٺل(غالب بلوچ ۽ عبدالنبي شيخ) ايس يو پي ڪارڪن شهيد قائم الدين سرڪي جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ايس يو پي جيڪب آباد صدر جمال جوش ٻرڙو کي قاتلن طرفان مليل ڌمڪين خلاف جيڪب آباد، ٺل ۽ ڪنڌ ڪوٽ ۾ ڌار ڌار احتجاجي جلوس ڪڍيا ويا. ڪنڌ ڪوٽ ۾ گهنٽا گهر چوڪ تي ڌرڻو لڳايو ويو ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ ايس ايچ او ٺل خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ايس يو پي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان آئي جي سنڌ چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪريون ٿا ته شهيد قائم الدين سرڪي جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ اسان جي اڳواڻ جمال جوش ٻرڙو کي ڌمڪيون ڏيندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وڌائيندي.*** ٺل ۾ چار ڏينهن پهريان دهشتگردن هٿان قتل ٿي ويل قائم الدين سرڪي جي قاتلن جي گرفتاري لاء سيا سي سماجي  پارٽين جي اڳواڻن ٺل ۾ احتجاج مظاهرو ڪيو.

مظاهري ۾ شمن سومرو جمال جوش اصغر لاشاري عبدالباسط شاه وسيم قريشي ساگر بروهي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پوليس دهشتگردن سان ٻٽ بڻيل آهي، چار ڏينهن گذري وڃڻ باوجود قائم الدين سرڪي جي قاتلن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، انهن مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ ايس پي ۽ڪرپٽ ايس ايڇ او هٽائي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي،مظاهرين پريس ڪلب ٺل اڳيان احتجاج ڪندي روڊ مڪمل طور بند ڪري ڇڏيو،قاتل جلد گرفتار نه ٿيا ته احتجاج جو دائرو وڌائي شٽر بند هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو