سريلنڪا کي شڪست،عابد ۽ نسيم جا ورلڊ ريڪارڊ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان سريلنڪا کي 263 رنز تان شڪست ڏئي ٻن ميچز جي ٽيسٽ سيريز ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ تان کٽي ورتي آهي. ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ جي آخري ڏينهن تي پهرين سيشن ۾ نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه جي تباهه ڪن بولنگ سبب سريلنڪا جي پوري ٽيم ٻئي اننگ ۾ 212 رنز تي ڍير ٿي وئي. نسيم شاهه 5 وڪيٽون ورتيون ۽ دنيا جي گهٽ عمر واري بالر طور ٽيسٽ ميچ جي هڪ اننگ ۾ 5 وڪيٽون وٺڻ وارو دنيا ۾ ننڍي عمر وارو پهريون فاسٽ بالر بڻجي ويو. عابد علي پهرين ون ڊي ۽ پهرين ٽيسٽ ۾سينچري هڻندڙ دنيا جو پهريون بيٽسمين بڻجي ويو.

, مين آف دي ميچ ۽ مين آف دي سيريزجا اعزاز حاصل ڪندڙعابد علي 174 رنز ٺاهيون، ميانداد جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

سندس عمر 16 سال 311 ڏينهن آهي، اڳ ۾ پاڪستان جي نسيم الغني 16 سال 308 ڏينهن جي عمر ۾ اهو رڪارڊ قائم ڪيو هو، هو ليفٽ آرم اسپنر هو. بنگلاديش جي فاسٽ بالر شهادت حسين 17 سال 213 ڏينهن ۾ 5 وڪيٽون ورتيون هيون. کيس گذريل مهيني ساٿي رانديگر کي ڪٽڪو ڏيڻ تي 5 سالن جي پابندي لڳائي وئي هئي. آخري ڏينهن تي پاڪستان کي فتح لاءِ صرف 3 وڪيٽن جي ضرورت هئي ۽ سريلنڪن ٽيم کي 264 رنسن جو پهاڙ عبور ڪرڻو هو. پاڪستان ٻئي اننگ ۾ 555 رنز 3 رانديگر آئوٽ تي اننگ ڊڪليئر ڪري 476 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو هو. چوٿين ڏينهن جي خاتمي تي سريلنڪا جا 7 رانديگر آئوٽ ٿي چڪا هئا. اوشادا فرنينڊو جي ناقابل شڪست سينچري باوجود سريلنڪا مجموعي طور تي صرف 212 رنسون ٺاهي سگهيو. پاڪستان طرفان حارث سهيل، محمد عباس، شاهين آفريدي ۽ ياسر شاهه هڪ هڪ جڏهن ته نسيم شاهه 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. سريلنڪن بيٽسمين اوشادا فرنينڊو کان علاوهه ڪو به رانديگر پاڪستاني بالرن اڳيان بيهي نه سگهيو. پاڪستان لاءِ واحد خطرو اوشادا فرنينڊو هو . جيڪو 102 رنسن سان ڪيريز تي موجود هو. آخري ڏينهن ميچ جي پهرين اوور ۾ نسيم شاهه پهرين بال تي امبلدينيا بنا رن ٺاهڻ جي آئوٽ ٿي ويو. ٻئي اوور ۾ ياسر شاهه جي بال تي سينچري اسڪور ڪندڙ اوشادا فرنينڊو به آئوٽ ٿي ويو. ميچ جي ٽئين اوور ۾ نسيم شاهه جي بال تي وشوا فرنينڊو به بنا رن ٺاهڻ جي آئوٽ ٿي ويو. سريلنڪا جو پنجين ڏينهن هڪ رن به ٺاهي نه سگهي ۽ سندن 3 رانديگر آئوٽ ٿي ويا ۽ پاڪستان 10 سالن بعد هوم گرائونڊ تي ٽيسٽ سيريز کٽي ورتي.

ياد رهي ته ٻئي اننگ ۾ پاڪستان جي 4 بيٽسمين شان مسعود، عابد علي، ڪپتان اظهر علي ۽ بابر اعظم سينچريون اسڪور ڪيون هيون. اظهر علي پنهنجي ڪيريئر جي 16هين ۽ سريلنڪا خلاف 6هين سينچري هئي. بابر اعظم پنڊي ٽيسٽ کان پوءِ ڪراچي ۾ به سينچري اسڪور ڪئي ۽ 100 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. هن 130 بالن تي 7 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان سينچري مڪمل ڪئي. محمد رضوان به 21 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ٻيو ڀيرو ڪنهن ٽيم جي ابتدائي 4 رانديگرن سينچريون اسڪور ڪيون آهن. واضح رهي ته ان کان اڳ ڀارت جي ابتدائي 4 رانديگرن 2007 ۾ بنگلاديش خلاف وسيم جعفر، دنيش ڪارتڪ، راهول ڊريوڊ ۽ سچن ٽنڊولڪر سينچريون اسڪور ڪيون هيون. عابد علي 174 رنز ٺاهي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿيو ۽ شان مسعود 135 رنز ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿيو. پاڪستاني اوپنرز 18 سالن بعد سينچريون اسڪور ڪيون . اڳ ۾ 1997 ۾ عامر سهيل ۽ اعجاز احمد ويسٽ انڊيز خلاف 298 رنز جي اوپننگ پارٽنر شپ قائم ڪئي هئي. ان کان اڳ 2001 ۾ به سعيد انور ۽ توفيق عمر بنگلاديش خلاف سينچريون ٺاهيون هيون. اها سعيد انور جي آخري ۽ توفيق جي پهرين ٽيسٽ ميچ هئي. عابد علي جاويد ميانداد جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو. ميانداد ابتدائي ٻن ميچز ۾ 319 رنز ٺاهيون هيون جڏهن ته عابد علي 321 ٺاهيون. عابد علي راولپنڊي ٽيسٽ بعد ڪراچي ٽيسٽ ۾ به شاندار سينچري اسڪور ڪئي. پاڪستان پهرين اننگ ۾ 191 رنز آل آئوٽ ٿيو. سريلنڪن ٽيم 272 تي پهرين اننگ ۾ آئوٽ ٿي وئي. ٻئي اننگ ۾ پاڪستان 555 ٺاهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو