سردار ڀنگوار تي حملي جو ڪيس تيغاڻين ۽ سبزوئن تي داخل

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ)ڀنگوار برادري جي سردار تي حملي جو ڪيس تيغاني سردار سميت تيغاڻين ۽ سبزوئين خلاف داخل ڪيو ويو آهي. ٽي ڏينهن اڳ هٿياربندن راڻو اسٽاپ وٽ حملو ڪري سردار احمد علي خان ڀنگوار سندس پٽ رياض علي ۽ ملازم قالو ڀنگوار سميت چئن ڄڻن کي زخمي ڪيو هو. جنهن جو ڪيس اي سيڪشن ٿاڻي تي فريادي عبدالطيف ڀنگوار جي مدعيت ۾ تيغاڻي برادري جي  سردار تيغو خان تيغاڻي.عبدالفتاح.نثاراحمد. عبدالنبي تيغاڻي سبزوئي برادري جي چيف مقدم ڄام عبدالرحمان سبزوئي. ساده. بهرام. واحد. قاسم.ممتاز.احمد علي. هزارو سبزوئي ۽ 2 اڻسڄاتل جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪرايو ويو جڏھن ته  ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وارو ماحول ۽ علائقي ۾ خوف واري فضا قائم ٿيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو