ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عمر سيال جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ آمدن کان وڌيڪ غير قانوني طريقي سان اثاثه ٺاهڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي 10 لک رپين جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت ساڳي ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد سراج دراني جي ڀاءُ آغا مسيع الدين، طفيل شاهه، مٺان خان، اسلم پرويز لانگاهه ۽ ذوالفقار ڏهر سميت 8 جوابدارن جي عارضي ضمانت کي پڪو ڪري ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم جمعي تي ڄاڻايل جوابدارن جي ضمانت لاءِ داخل ڪيل درخواستن تي جاري ڪيو. عدالت آغا سراج دراني سميت ڄاڻايل سمورن جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو . ياد رهي ته نيب آغا سراج دراني کي هلندڙ سال فيبروري مهيني ۾ اسلام آباد مان گرفتار ڪيو هو جنهن بعد سندس ڀاءُ آغا مسيع الدين ۽ ٻين جوابدارن سنڌ هاءِ ڪورٽ مان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي هئي. نيب ڪراچي پاران آغا سراج دراني سميت سندس گهر واري، ڌيئرن، پٽ، ڀاءُ ۽ ملازمن سميت 20 ڄڻن خلاف هڪ ارب 61 ڪروڙ رپين جا غير قانوني اثاثه ٺاهڻ بابت ريفرنس داخل ڪيو آهي جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني، سندس گهرواري ناهيد دراني، پٽ آغا شهباز، نياڻين صنم، سونيا شهانا، سارا، ڀاءُ آغا مسيع الدين، ذوالفقار ڏهر، شمشاد خاتون، منور علي، غلام مرتضيٰ، محمد عرفان، شڪيل سومرو، گلبار لهر بلوچ، اسلم پرويز، توفيق شاهه، مٺا خان، سيد محمد شاهه ۽ گلزار احمد کي جوابدار بڻايو ويو آهي. ڄاڻايل ريفرنس احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. جنهن ڪيس ۾ مفرور ڄاڻايل آغا سراج دراني جي گهرواري ۽ پٽ سميت ٻين جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري سندن سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي. نيب پاران داخل ڪيل ريفرنس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آغا سراج دراني مختلف وقتن تي ايم پي اي، صوبائي وزير ۽ اسپيڪر رهيو آهي جنهن اختيارن جو غلط استعمال ڪندي پنهنجي ۽ گهر وارن جي نالن تي هڪ ارب 61 ڪروڙ رپين جون ملڪيتون خريد ڪيون آهن. ريفرنس ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته آغا سراج دراني جي غير قانوني اثاثن ۾ گهر ۽ 35 گاڏيون شامل آهن جڏهن ته سندس لاڪرز مان 3 سئو تولا سونا زيور پڻ مليا آهن. نيب ذريعن موجب ريفرنس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آغا سراج دراني ۽ سندس ٻين گهر ڀاتين جون 11 ڪروڙ رپين جون گهڙيون پڻ مليون آهن. نيب موجب ايف بي آر وٽان مليل ڄاڻ موجب آغا سراج دراني 2007ع کان 2018ع تائين 11 ڪروڙ رپين جي آمدني ظاهر ڪئي جيڪا زرعي زمينن جي ڄاڻايل آهي جڏهن ته آغا سراج دراني پڇا ڳاڇا دوران 8 ڪروڙ رپين جي سالياني آمدني ٻڌائي. نيب ذريعن موجب ريفرنس ۾ 11 گاڏيون، پٽ، گهرواري ۽ ڌيئرن جي نالن تي ڪراچي ۽ ايبٽ آباد ۾ ملڪيتون شامل آهن. ريفرنس ۾ اهو پڻ ڄاڻايل آهي ته آغا سراج دراني پنهنجي ملازمن جي نالن تي به ملڪيتون خريد ڪيون جن سندس فرنٽ مين جو ڪردار ادا ڪيو. آغا سراج دراني جي ضمانت منظور ٿيڻ جي خوشي ۾ هڪ جيالي پنج پنج سو جا نوٽ ورهايا، عدالتي عملي ۽ پوليس اهلڪارن کي به هن پئسا ڏنا.
ايران- اسرائيل جنگ ڪنهن جي به حق ۾ ناهي
مدو ختم ٿيل شناختي ڪارڊن تي جاري موبائل سمون بند ڪرڻ جو حڪم
دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا: آمريڪا
بشريٰ کي بني گالا کان اڊيالا جيل منتقلي واري درخواست بحال
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
پي ٽي آءِ جي جلسن واري اجازت نامي واري درخواست ڊي سي حوالي
ڪراچي ۾ تيز برسات جو امڪان ناھي،تجزيھ ڪار
علي يونس عاليه رياض سان گڏ هڪ تصوير پوسٽ ڪري ڇڏي
بالي ووڊ ڪنهن جي پيءُ جي انڊسٽري ناهي: وديا بالن
اڄوڪي-اخبار-2024-04-18
اڄوڪي-اخبار-2024-04-18
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو