سدرا نيازي ڪرائيم رپورٽر کان اداڪارا ڪيئن بڻي؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)قيامت ۽ ڇپڪي ڇپڪي ڊرامن ۾ اداڪاري سبب مشهوري ماڻيندڙ سدره نيازي انڪشاف ڪيو آهي ته هن وٽ صحافت جي ڊگري آهي ۽ ڪرائيم رپورٽر ٿيڻ پئي چاهيم پر قسمت اداڪاري ڏانهن ڌڪي آئي. اهڙو انڪشاف هن اي آر واءِ جي گڊ مارننگ پاڪستان ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته کيس نيوزڪاسٽر ٿيڻ جي به پيشڪش ٿي پر هو ڊرامن ۾ اچي وئي. هن چيو ته کيس ڊراما لکڻ جو شوق ٿيو ته ساٿين چيو ته اداڪاري تي فوڪس ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو