سجل ۽ احد رضا مير شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ لاءِ تيار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) شوبز جي نئين جوڙي سجل علي ۽ احد رضا مير جي شادي پڪي ٿي وئي آهي ۽ بنهي دعوت نامه ڏيڻ به شروع ڪري ڇڏيا آهن. پاڪستان ۾ برطانيا جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ڊپٽي مائيڪ نيٿا درناڪس جوڙي سان ملاقات بعد تصويرون ٽوئٽر تي شيئر ڪيون آهن. هن لکيو آهي ته جوڙي سان ملي کيس بيحد خوشي ٿي آهي. هن ٻڌايو ته سجل علي ۽ احد رضا مير کيس سادي جو ڪارڊ به ڏنو آهي ۽ هو ضرور شرڪت ڪندو. هن وقت ٻنهي جو رومانوي ڊرامو “يه دل ميرا” هم ٽي وي تي هلي ٿو جيڪو ڪافي مقبول آهي. ڪجهه وقت اڳ جوڙي پنهنجي مڱڻي جو اعلان سوشل ميڊيا تي ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو