ساک وارن ججن خلاف ڪاروائي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل مستعفي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي ڪجهه سينئر ججن خلاف ڪاروائي ڪرڻ تي احتجاج ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي اٽارني جنرل زاهد ايف ابراهيم عهدي تان استعيفيٰ ڌئي ڇڏي آهي. هن پنهنجي استعيفيٰ صدر عارف علوي کي موڪلي آهي. جنهن م هن چيو آهي ته اوهان مونکي هن عهدي تي مقرر ڪيو جيڪو مون لاءِ فخر جي ڳالهه هئي پر ميڊيا ۾ آيل خبرن ۽ سينئر عملدارن کان تصديق بعد اها ڄاڻ ملي آهي ته اوهان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي سينئر ججن خلاف سپريم جديشل ڪائونسل ۾ ريفرنس موڪليو آهي. مان سمجهان ٿو ته پرڏيهه ۾ سندن يا خاندان جي فردن نالي ملڪيت ظاهر نه ڪرڻ جي بنياد تي ٿيندڙ اها ڪاروائي معزز ججن کي ڌمڪائڻ لاءِ آهي ۽ ان سان عدليه کي ناقابل تلافي نقصان پهچندو. منهنجي خيال ۾ جن ججن خلاف اوهين ڪاروائي ڪريو پيو انهن جي بهترين ساک آهي. اهڙي صورتحال ۾

منهنجو ضمير هن عهدي تي رهي ڪم ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي. ياد رهي زاهد نامياري قانوندان ۽ سابق جج فخرالدين ابراهيم جو پٽ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو