سام سنگ جي پنهنجي حريف ڪمپني ايپل تي طنز

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪوريا جي سمارٽ فون ٺاهيندڙ ڪمپني پنهنجي حريف آمريڪي ڪمپني ايپل تي طنز ڪندي چيو آهي ته اسين چارجر ۽ هيڊ فونز ڌار وڪرو ناهيون ڪندا. سام سنگ پنهنجي نئين ماڊل جي فونز جي مشهوري لاءِ ڪيل ٽوئيٽ ۾ ايپل ڪمپني جو نالو کڻڻ کانسواءِ سندن مذاق اڏائي آهي. ايپل ڪمپني گذريل هفتي آءِ فون 12 جي آن لان لانچنگ دوران نئين ماڊل جي فون سان گڏ چارجر ۽ ايئر پوڊ نه ڏيکاريا هئا. جنهن بعد سوشل ميڊيا تي  بحث دوران ڪمپني کي ڪيترن ئي صارفين تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته هو هر شئي ڌار ڌار وڪرو ڪري صارفين کي لٽي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو