سالن هٿان ڀيڻويو قتل 2 ٻيا زخمي، مک جوابدار گرفتار

مانجهند(رپورٽ مهراڻ عمراڻي)ڳوٺ سرائي سولنگي ۾ گهٽي ۾ ويهڻ تان منع ڪرڻ تي مڇرجي ڀيڻوئي پورهيت اڪرم سولنگي سندس پٽ ناظم سولنگي ڀاء اياز سولنگي کي ڪهاڙيون ۽ لٺيون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو زخمين کي وارث ھيلٿ سينٽر سن کڻائي پهتا جتي ڊاڪٽر ۽ عملو نه هئڻ سبب کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقه اسپتال مانجهند کڻائي پهتا جتي پڻ ڊاڪٽر نه هئڻ سبب 45 ورهين جو زخمي پورهيت اڪرم علي سولنگي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جنهن تي وارثن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا ايم ايس ۽ ٻنهي اسپتالن جي انتظاميا خلاف سخت احتجاج ڪيو ان موقعي تي مقتول جي سئوٽ شوڪت علي سولنگي ٻڌايو ته جوابدار پيارو سولنگي سعيد خان سولنگي يارو سولنگي طيب سولنگي  طوطو سولنگي  عورتن  جي شاخ تي ڪپڙا ڌوئڻ واري  لنگهه وٽ کٽ وجهي ويٺل هئا جن کي مقتول منع ڪئي ته مڇرجي ڪهاڙين سان حملو ڪري ڏنو زخمين کي سن مانجهند اسپتال رلائيندا رهياسين پر ڊاڪٽر ۽ عملو غائب رهيو جنهن سبب سندس سئوٽ اڪرم سولنگي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جڏھن باقي زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد کڻائي وڃي رهيا آھيون جڏھن ت وڏا ڇڇر پوليس جوابدارن کان مبينا رشوت وٺي کين گرفتار نه پئي ڪري هوڏانهن فوتي جو لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو مقتول جي مقامي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي وڏاڇڇر ايٽ سن پوليس  مکيه جوابدار پيارو سولنگي کي گرفتار  ڪري ورتو جڏھن ته باقي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جڏھن ته واقعي جو ڪيس به داخل نه ٿي سگهيو هو پوليس موجب جهيڙو ڪندڙ پاڻ ۾  سالا ڀيڻويا  آھن  مقتول جا وارث تدفين کان واپس اچن ته سندن ڪيس داخل ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو