ساس پاران گورنر جي بيان جي مذمت، 12 مئي تي احتجاج جو سڏ

حيدرآباد(پ ر) سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي عهديدارن سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ايوب کوسو، مرڪزي خزانچي پريم پتافي، مرڪزي آڊيٽر بخشل باغي، مرڪزي پريس ترجمان آزاد انور ڪانڌڙي گڏيل بيان ۾ سنڌ جي تعصبي گورنر ۽ لساني تنظيم پاران سنڌ کي ورھائڻ واري منصوبي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته  سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۽ سنڌ جا قلمڪار ۽  تخليقڪار سمورن سنڌ دشمن منصوبن کي رد ڪندي مطالبو ڪن ٿا ته سنڌ جي تعصبي گورنر کي پنھنجي منصب تان فوري طور ھٽايو وڃي. سنڌي ادبي سنگت  جي مرڪزي عهديدارن  سنڌ ورھائڻ واري پناھگير سوچ خلاف آچر 12 مئي تي سڄي سنڌ جي ضلعي ھيڊ ڪوارٽرز ۾ احتجاجي مظاھرن جو اعلان ڪندي ضلعي رابطا سيڪريٽرين، شاخن جي سيڪريٽرين کي پنهنجن پنهنجن ضلعي ھيڊ ڪوارٽرز ۾  ڀرپور احتجاج ڪرڻ جوسڏ ڏنو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو