ساس جي هفتيورا ويهڪ، اديبن ۽ شاعرن پاران تخليقون پيش

ٽنڊومحمدخان(ن س) سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جي هفتيوار دستوري ويهڪ نامياري ۽ سينيئر اديب کيمچند شرما جي صدارت ۾ ٿي , ويهڪ جي ڪارروائي شاخ جي جي سيڪريٽري آغا جان آغا هلائي , جڏهن ته بزرگ شاعر  تاج ٽکڙائي “غزل”, نثار احمد ناز “وائي “, اعظم ڀٽي “مختصر ڪهاڻي “, عاشق علي ڳاهو ” غزل”, محمد علي صارم سرهيو “مناجات ” پيش ڪئي.

اصلاحي ۽ تنقيدي نشست ۾ آغا جان آغا, رفيق آس لغاري, گل خاصخيلي , گل محمد سومرو,محمد اشرف سٺيو , ماما غلام نبي شاعر خاصخيلي  , جان محمد لغاري , عزيز رند ۽ ٻين حصو ورتو, آخر  ۾ وقتي صدر کيمچند شرما بنا تنقيد جي ۽ ترنم ۾ پنهنجي شاعري ٻڌائي , صدارتي راء ڏيندي کيمچند شرما چيو ته سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جا سڀ دوست سهڻا , سلڇڻا ۽ ادب سان مالا مال آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو