سائنسدانن کي مريخ تي اوائلي زندگي جا آثار ملي ويا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي خلائي تحقيقاتي اداري ناسا جي ايسٽرو بايولاجسٽس مريخ تان مليل آرگينڪ ماليڪيولز جي مشاهدي بعد چيو آهي ته اهي مريخ تي اوائلي زندگي جا آثار ٿي سگهن ٿا. ناسا جي خلائي گشتي گاڏي آرگينڪ ماليڪوز جا ثبوت موڪليا آهن. جن تي ماهرن جي ٽيم غور بعد ان نتيجي تي پهتي آهي ته اهي ڳاڙهي سياري تي زندگي جا آثار آهن. ايسٽرو بايولوجي جنرل ۾ شايع ٿيل پيپر ۾ ريسرچ ٽيم جي سربراهه ۽ واشنگٽن يونيورسٽي جي ايسٽرو بايولوجسٽ ڊرڪ شلزي مڪوچ چيو آهي ته هي زندگي جا آثار ته ٿي سگهن ٿا پر اسانکي اڃا وڌيڪ ثبوتن جي ضرورت آهي. هن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهو مادو اسانکي زمين تي ملي ٿو ته اها حياتي جي علامت آهي پر مريخ تي جڏهن اهو مادو ملي ٿو ته اسانکي نتيجو اخذ ڪرڻ ۾ جلدبازي نه ڪرڻ گهرجي ۽ وڌيڪ ثبوت جاچڻ گهرجن. اهو به ٿي سگهي ٿو ڪنهن شهاب ثاقب جي ڪري اهو مادو ٺهيو هجي.

پهنجو تبصرو موڪليو