سائبر ڪرائيم وارا ٺاهه لاءِ ڌمڪائين ٿا، ڊاڪٽر سنبل

ٽنڊوباگو (ڄام سھيل سمون )  مون کي ايف آءِ اي طرفان ڌمڪايو پيو وڃي ته منصور ٻرڙي ۽ سندس ساٿين سان ٺاھ ڪريان ٻي صورت ۾ نتيجن لاء تيار رھان اھڙن خيالن جو اظھار لمس ۾ پڙھندڙ آخري سال جي شاگردياڻي بدين رهواسڻ  ڊاڪٽر سنبل ميمڻ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ھن چيو ته ايف آءِ اي سائيبر ڪرائم طرفان کيس انصاف ڏيڻ بدران ڏيڍ سال کان رلايو ويو آھي ۽ هاڻي کلم کلا منھنجي مخالف منصور ٻرڙو کي سپورٽ ڪئي پئي وڃي ٻرڙا خاندان جي چوڻ تي منھنجي روم تي ڇاپو ھڻي ليپ ٽاپ ۽ موبائل قبضي ۾ وٺي ڏيڍ سال کان پوءِ واپس ڪرڻ وقت انھن مان منھنجي خلاف ثبوت نه مليا نه ته منھنجي خلاف ڪاروائي ٿئي ھا. ھن وقت ٻرڙن جي خلاف ثبوت موجود آھن ۽ ھنن تازو فيس بڪ تي ايترا غليظ لفظ لکيا آھن جن کي ھتي ورجائي به نٿو سگھجي مون کي مسلسل خود ڪشي ڪرڻ تي اڪسايو پيو وڃي ۽ ايف آءِ اي جا ذميوار مون کي فون تي ڌمڪيون پيا ڏين ته منصور ٻرڙو ء سندس ساٿي عزت دار آھن انھن سان ٺاھ ڪريان ٻي صورت ۾ ٻنھين ڌرين تي ڪيس داخل ڪنداسين ھن سوال ڪندي چيو ته ڇا سنڌ جي نياڻين کي انصاف مان اميد لاھي پنھنجي حياتي جا ڏيئا اجھائي ڇڏڻ گھرجن ھن الزام ھڻندي چيو ته ايف آءِ اي اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي جي چوڻ تي ٻرڙا خاندان جي مدد ڪري رھيو آھي نياز ٻرڙو سندن خاص ماڻهو آھي ھن گورنر سنڌ کي به ان ڳالهه کان آگاھ ڪيو آھي ھن چيو ته ڊاڪٽر فھميدہ مرزا کي به سندس ماڻھن غلط گائيڊ ڪيو آھي جنھن ڪري ان اسان جي جائز  مدد به نه ڪئي آئون کيس سمورا ثبوت ڏيڻ لاء تيار آھيان ھن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي مداخلت ڪري انصاف جي اپيل ڪئي. پريس ڪانفرنس ڪرڻ دوران چاچا اسلم  ميمڻ ،چاچو سليم ميمڻ ۽ ماما فهيم ڀرڳڙي موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو