اسلام آباد (بيورو رپورٽ)احتساب عدالت جي جج بشير احمد پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض جي ناٺي زين ملڪ جي جعلي اڪائونٽ ڪيس سميت 6 مختلف ڪيسن ۾ ساڍا 9 ارب روپيا ڏيڻ بابت پلي بارگين منظوري ڪندي کيس بري ڪري ڇڏيو آهي. نيب پاران سندس ادائگي جو شيڊول عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو. جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هو 3 سالن ۾ اها ادائگي ڪندو ۽ هر ٽئين مهيني قسط ادا ڪندو. هڪ ڪيس ۾ 4 ارب روپيا، ٻئي ڪيس ۾ 17 ڪروڙ ۽ ٽئين ڪيس ۾ 3 ڪروڙ 70 لک ادا ڪندو. نيب راولپنڊي ۾ هو 6 ملڪيتون گروي رکندو. زين ملڪ لنڊن مان ويڊيو لنڪ تي عدالتي ڪاروائي ۾ شريڪ ٿيو. جج کائنس پڇيو ته پلي بارگين جي اثرن جي خبر اٿو ته ملزم ها ڪئي. هن تي جعلي اڪائونٽس، پنڪ ريزيڊنسي، ميگا مني لانڊرنگ جا ڪيس هئا. باقي 3 ڪيس مختلف شهرن جي احتساب عدالتن ۾ هلندڙ آهن جن مان آئيڪون ٽاور ڪيس ڪراچي ۾ آهي. جتي پلي بارگين لاءِ ڌار ڪاروائي ٿيندي. ياد رهي ته احتساب عدالت جي جج اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ويڊيو لنڪ ذريعي پيشي جي درخواست رد ڪندي بيمار هوندي به خود پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو پر هن ڪيس ۾ ملزم کي اها سهولت ڏني وئي.
صلاح الدين جي واٽر سمٽ ۾ شرڪت، موثر گورننس جي اهميت کي اجاگر ڪيو
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
سينيٽ چونڊن کان اڳ عورتن ۽ اقليتي ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، پرڏيهي آفيس
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو