زين شاهه پرول تي آزاد، چاچي جي آخري رسمن ۾ شرڪت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بحريه ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ گرفتار سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ پرول تي آزادي ملڻ بعد سينٽرل جيل ڪراچي مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ سن روانو ٿي ويو آهي جتي هو پنهنجي چاچي ۽ سائين جي ايم سيد جي وڏي فرزند سيد امير حيدر شاهه جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪندو.جڏهن ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران 5 ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي، پنجن ڏينهن تائين پارٽي پاران سموريون سرگرميون معطل رهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو