زيارتن تان چوري موٽيل 13 ڀاتي ڪورونا وارڊ منتقل

ڪشمور (جي ايم کوسو )ايران کان زيارتن بعد ڪراچي کان ڪشمور آيل خاندان کي، گڊو پوليس سوگهو ڪري ورتو، ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ لاء ڪشمور تعلقه اسپتال جي آئيسوليشن وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو. ان باري ۾ معلوم ٿيو آھي ته لنجواڻي خاندان  ايران کان گوادر ۽ حب رستي ڪراچي پھچڻ بعد  ڪشمور پھتو ته کين حراست ۾ ورتو ويو. لنجواڻي برادري جو 13 ماڻھن تي مشتمل خاندان جنهن ۾ مائي فاطمه، اقبال، مائي جيجل، مائي ظھران، مائي آمنهه، مائي حميده، مائي آبيان، حاڪم علي سميت عورتون مرد توڙي ٻارڙا پڻ شامل آھن. جتي کين صبح کان وٺي ويھاريو ويو آھي ڪنهن به غيرلاڳاپيل ماڻھون کي اندر وڃڻ نٿو ڏنو وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته چوري موٽي آيا آهن. هنن جي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ بعد کين ڇڏيو ويندو. اقبال لنجواڻي جو چوڻ هو ته اسان ايران ڪونه ويا هئاسين ڪراچي کان ڪشمور پهتا آھيون پوليس هروڀرو اسانکي اسپتال ۾ واڙيو آھي. 10 ڪلاڪ گذري وڃڻ جي باوجود ماني پاڻي به نٿو ملي.

پهنجو تبصرو موڪليو