زيادتي بعد قتل ڪيس جي جوابدارن جا فنگر پرنٽ ميچ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)عيسيٰ نگري ۾ معصوم ٻارڙي مروه کي زيادتي بعد بيدردي سان قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ اڳڀرائي، پوليس طرفان گرفتار ڪيل ٻن افغانين فيضو ۽ عبدالله جا فنگر پرنٽس ميچ ٿي ويا، ٻنهي جوابدارن جاچ دوران پوليس اڳيان ڏوهه جو به اعتراف ڪري ورتو، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته مروه جي ڪپڙن ۽ جوابدار فيضو جي گهر ۾ رکيل بيڊ جا سيمپل ورتا هئا، ٽيسٽ دوران ٻئي سيمپل ميچ ٿي ويا، مروه جو لاش جن ڪپڙن ۾ ويڙهيل هئي، جوابدار فيضو اُهي ڪپڙا پنهنجي دڪان تان کڻي آيو هو، پوليس کي ڊي اين اي رپورٽ جو انتظار آهي، اُها رپورٽ ملڻ بعد جوابدارن جي گرفتاري ظاهر ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو