زمين ڦٻائڻ لاءِ پوليس تنگ ٿي ڪري، ڳوٺاڻن جو احتجاج

جان محمد سوسا ئٽي(غلا رسول مھر)ڳوٺ وريام چاچڙ واسين  غلام نبي چاچڙ مائي نظيران مائي حضوران ٻارڙن سميت جان محمدسوسائٽي چوڪي انچارج جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ چيو ته جان محمدسوسائٽي چوڪي انچارج بھرام ڀٽو آرائين برادري جي بااثرن جي چرچ تي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ھنن ٻڌايو ته آرائين برادري جا ماڻھو اسان کان زبردستي زمين خريد ڪرڻ چاھين پيا اسان جي انڪار تي اسان کي ھتان لڏائي زمين تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا ھنن  الزام لڳائيندي چيو چوڪي انچارج آرائين برادري جي بااثرن جو وانگارو بڻجي ھڪ ھفتو اڳ ڊرائيور ممتاز چاچڙ کي گاڏي تان لاھي گم ڪري ڇڏيو آھي جيڪو اڃان تائين گم آھي جڏھن ته ٽي ڏينھن اڳ اسان جو ٻارنھن سالن جو نينگر عرفان چاچڙ پنھنجي امڙ ۽ ڀاڃائي سان رشتيدارن جي فوتگي تي وڃي رھيو ھيو ته چوڪي انچارج ھن کي به رستي ۾ عورتن ۽ نينگر تي تشدد ڪري موٽرسائيڪل سميت کڻي گم ڪري ڇڏيو آھي پوليس جي تشدد ۾ مائي حضوران جي ٻانھن ڀڃي پئي آھي ھنن وڌيڪ الزام لڳائيندي چيو ته چوڪي انچارج نينگر کي ڇڏڻ لاء اسان کان وڏي رشوت طلب ڪري رھيو آھي ھنن چيو ته اسان غريب ماڻھو ايترا پئسا ڪٿان آڻيون جو پوليس کي ڏيو ھنن وڌيڪ چيو ته اسان کي خدشو آھي ته ڪٿي پوليس اسان جي ٻن ڄڻن کي مارائي يا کين ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي نه ڇڏي ھنن ڊي آء جي سکر ايس ايس پي گھوٽڪي کان مطالبو ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو