زمين جي تڪرار تان جعفري برادري ۾ جهيڙو، 9 ڄڻا زخمي

ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) تنگواڻي شبيرآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ وشو جعفري ۾ زمين جي معاملي تي جعفري برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو جنھن دوران ڌرين وچ ۾ لٺين ۽ ڪھاڙين جو آزادانه استعمال ڪيو ويو جنھنجي نتيجي ۾ 2 عورتن سميت 9 ڄڻازخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ تي شبيرآباد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمين کي فوري طور تنگواڻي اسپتال علاج لاءِ نيو ويو. زخمين ۾رستم جعفري، سرور، محمد يعقوب، ڌڻي بخش، مسمادو گرو ۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن ته اسپتال انتظاميه 3 زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال ڏانهن ريفر ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو