زمين تي قبضي ۽ گهرن تي حملي خلاف احتجاج

نوشهروفيروز(منظور ملڪ)ڳوٺ حسين بخش کوسو جون رهواسي عورتون مسمات روبينه، بينظير، انيلا، بختاور کوسو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد صحافين کي ٻڌايو ته  اسان رياض ميمڻ جا هاري آهيون جوابدار محبوب کوسو، ضمير، ساجن، خالد، پريل، ستار، جبار کوسو ان زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ اسان جي گهرن تي حملو ڪري اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. اسان اهڙي دانهن نوشهروفيروز ٿاڻي تي کڻي وياسين ته اسان جو ڪيس داخل نه ڪيو ويو. هنن چيو ته محبوب کوسو ڏوهاري ۽ فسادي قسم جو ماڻهو آهي جنهن اسان جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. هنن ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان تي حملو ڪندڙ ڏوهاري محبوب کوسو سميت سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي انصاف ڏياريو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو