زمين تي قبضي لاءِ ڪارنهن جو الزام، انصاف لاءِ احتجاج

داد لغاري (نديم مھر)ڳوٺ احمد علي خان پتافي جي رھواسين راھب پتافي ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته برادري جا با اثرن حميد پتافي، رشيد پتافي، غلام نبي۽ رفيق پتافي اسان جي زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ لاء اسان جي نوجوان اعتبار عرف موجھو پتافي پٽ اسلام دين پتافي تي ناحق ڪارنھن جو الزام  ڏنو آهي. ڪارنھن  جو الزام  ڏيڻ بعد ھنن اسان جي گھرن تي حملا ڪيا ۽ اسان جي عورتن کي پڻ تشدد جو نشانو بڻايو جنهن بعد اسان انصاف لاء ميڊيا  ۾ آواز اٿاريو ته مٿي ڄاڻايل بااثر اسان تي مڇرجي پيا ۽ اسان کي قتل ڪرڻ جو ڌمڪيون  ڏئي رھيا آهن. اسان جي ڪڻڪ جي بيٺل 100 ايڪڙن کان مٿي فصل ڀيلائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ھنن ايس ايس پي گھوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته بنادير بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو