زمين تي قبضي لاءِ وڏيري مڙس گرفتار ڪرايو،انصاف ڪريو

نوشهروفيروز (رپورٽ منظور ملڪ) ڳوٺ ڪوڙو اڄڻ جي رهواسڻ مسمات نازيه پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏ پريس ڪلب نوشهروفيروز پهچي بااثر ماڻهن جي زيادتين خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 20 ايڪڙ زمين تي قبضي ڪرڻ لاءِ بااثر جوابدار حاجي رسولو اڄڻ، شرف الدين، نياز، آفتاب، قاضي نويد اڄڻ، اشفاق، سپاهي صدام اڄڻ ۽ ٻيا منهنجي مڙس قاضي زبير مٿان ٺاروشاهه ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي گرفتار ڪرائي ڇڏيو آهي جوابدار مون کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته جيڪڏهن زمين اسان جي حوالي نه ٿي ته تنهنجي ٻارڙن کي ماري ڇڏينداسين جنهن ڪري ٻارڙن سميت دربدر آهيان ۽ جوابدار گهرن مٿان روز فائرنگ ڪري حراسمينٽ پکيڙي رهيا آهن. هن جو چوڻ هو ته جوابدار منهنجي ڏير قاضي الياس کي به جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ ڪنهن به وقت جاني نقصان ٿي سگهي ٿو. هن بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز کان مطالبو ڪيو ته زمين تي قبضو ڪندڙ، موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري مڙس مٿان داخل ڪيل ڪوڙي ڪيس ختم ڪري کين آزاد ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو