زرداري ۽ فريال جي رمانڊ ۾ واڌ،نوان ثبوت مليا آهن،نيب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو نيب کي 8 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي هدايت ڪئي ته کيس 16 آگسٽ تي پيش ڪيو وڃي. ان کان اڳ جعلي اڪائونٽ ڪيس جي سماعت شروع ٿي ته عدالت نيب اختيارين کان پڇيو ته آصف زرداري جو ڪيترو جسماني رمانڊ ٿي چڪو آهي، جنهن تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته 58 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ملي چڪو آهي. جج، نيب جي جاچ آفيسر کي چيو ته رمانڊ جي پهرئين ۽ آخري ڏينهن جي ڊائري ڏيکاريو، جنهن تي جاچ آفيسر جواب ڏيندي چيو ته آخري ٽن ڏينهن جي ڊائري آهي، وقت ڏيو ته رهيل ڊائري به پيش ڪندس. عدالت چيو ته آخري 10 ڏينهن جي رمانڊ ۾ ڪيتري اڳڀرائي ٿي آهي، اُن حوالي سان رپورٽ پيش ڪئي وڃي. جاچ آفيسر عدالت کي استدعا ڪئي ته وڌيڪ 8 ڏينهن جو رمانڊ ڏنو وڃي ته جيئن جاچ مڪمل ڪري سگهون. هن چيو ته نوان ثبوت مليا آهن جن ۾ اصل دستاويز ۽ ٺپا به شامل آهن تنهن ڪري رمانڊ وڌايو، جيتري جاچ ٿي چڪي آهي، اُن بنياد تي عيد جي 10 ڏينهن کانپوءِ عدالت ۾ عبوري ريفرنس داخل ڪنداسين. ان دوران  آصف زرداري روسٽرم تي آيو ۽ عدالت کي شڪايت ڪئي ته مون کان 40 سوالن جا جواب نيب وارن ورتا آهن پر وڪيل لطيف کوسو سان ملڻ نٿا ڏين، وڪيل جي مشوري کانسواءِ ڪيئن جواب ڏيندس، جنهن تي جج کيس وڌيڪ ڳالهائڻ کان منع ڪندي چيس ته پنهنجا مسئلا وڪيل معرفت ٻڌايو. لطيف کوسو عدالت کي چيو ته ڀلي اوهان رمانڊ ڏيو اعتراض ناهي. هن عدالت کي چيو ته فريال ٽالپر جو به 8 ڏينهن جو رمانڊ ڏيو، عدالت چيو ته نيب هن جو هڪ ڏينهن جو رمانڊ گهريو آهي 8 ڏينهن جو ڪيئن ڏيان؟ ايم پي اي فريال ٽالپر چيو ته سنڌ اسيمبلي جو سيشن هلي رهيو آهي، آئون سيشن ڇڏي آئي آهيان ۽ واپس وڃڻو آهي. ٻڌڻي دوران جج  جوابدارن کي چيو ته بس توهان وڃو، وڪيل هتي موجود آهن، جنهن تي آصف زرداري جج سان مخاطب ٿيندي چيو ته جج صاحب اسان ڪيڏانهن وڃون؟ ضمانت تي ته آهيون ڪونه جو وڃون. عدالت فريال ٽالپر جي جسماني رمانڊ بابت نيب کان پڇو ته اوهين درخواست بدلايو ٿا يا نه، هنن چيو ته ڪجهه دير ۾ ٻڌايو ٿا. بعد ۾ سندس رمانڊ ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪئي ۽ سڀاڻي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن ته زرادري جو 8 ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪندي سماعت 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو