حساب ڪتاب بند ڪري اڳتي وڌو، حڪومت هٽائڻ لاءِ سڀني کي گڏجڻو پوندو، زرداري

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪپتان جي حڪومت نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪري رهي آهي، هاڻوڪي حڪومت کي ڪڍڻ لاءِ سياسي طاقتن کي اڳتي اچڻو پوندو، جيڪڏهن سياسي طاقتون اڳتي نه اينديون ته ڪو ٻيو نه ايندو. اهڙو اظهار هن خميس تي قومي اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. هن چيو ته هو جيل ۾ آهي ۽ سندس حوصلا بلند آهن، ٻاهريان خبر ناهي ڇو ٿڪجي پيا آهن، ٻاهر کان آيل ناڻي واري وزير کي ملڪي معيشت جي خبر ئي ناهي. آصف زرداري چيو ته ان تي جيترا ڪيس هلائڻا آهن هلايو پر 80 سالن جي بزرگن جو ته خيال رکو. هن چيو ته منهنجو خير آهي پاڪستان جو خيال رکو. اڳوڻي صدر چيو ته پيپلز پارٽي تي هميشه ئي ظلم ٿيندو رهيو آهي، هاڻ سوشل ميڊيا جي ڪري ظلم لڪائي نه ٿو سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته اسان حڪومت جي اتحادين سان رابطي ۾ آهيون ۽ پوري ڪوشش آهي ته بجيٽ پاس نه ٿئي. ان کان اڳ هن قومي اسمبلي ۾ خطاب دوران چيو ته حساب ڪتاب بند ڪري اڳتي وڌڻ گهرجي، حالتون هٿن مان نڪري ويون ته سياسي پارٽين جي هٿن مان به بال نڪري ويندو ۽ ٻيو ڪو به سنڀالي نه سگهندو. آصف زرداري چيو ته اسپيڪر طرفان پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ تي ٿورائتو آهيان. هن چيو ته ان ۾ ڪابه سچائي ناهي ته نئين بجيٽ ناڻي کاتي ٺاهي آهي، بجيٽ ۾ ڪجهه نڪتا اهڙا آهن جن تي حڪومت ۽ اپوزيشن گڏجي ويهي ڳالهيون ڪري سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته هر صنعت اشتهار پئي ڏئي ته اسان کي بچايو، وفاقي بجيٽ جيڪڏهن ايتري سٺي آهي ته عام ماڻهو رڙيون ڇو پيا ڪن. هن چيو ته هڪ پاسي سرڪاري ملازمن جون پگهارون نه وڌيون، ٻئي پاسي ٽئڪس وڌايا ويا، ان حساب سان ملازمن جي پگهارجو تناسب اڃا گهٽجي ويندو. آصف زرداري چيو ته صنعتڪار ۽ واپاري خوفزده آهن، تنهن ڪري هو ڪنهن به شئي ۾ هٿ نٿا وجهن. ان کان اڳ گذريل ڏينهن رات دير سان اسپيڪر پاران جاري ڪيل پروڊڪشن آرڊر سبب نيب کيس سخت سيڪورٽي ۾ پارليامينٽ هائوس آندو.

جتي بلاول، بختاور، آصفه ۽ پارٽي اڳواڻن سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. اسپيڪر خواجا سعد رفيق جو به پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيو پر هو لاهور جيل ۾ هئڻ سبب نه پهچي سگهيو. اسپيڪر پشتون تحفظ موومينٽ جي قيد اڳواڻن، محسن داوڙ ۽ علي وزير جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪيا آهن. ڪالهه پيپلز پارٽي جي پارليامينٽرينز وزيرن جي ڪالوني ۾ اسپيڪر جي گهر ٻاهران احتجاجي مظاهرو به ڪيو هو. جنهن ۾ نير بخاري، شازيا مري، شيري رحمٰن ۽ مقامي ڪارڪنن شرڪت ڪندي پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. ڪالهه قومي اسمبلي ۾ بلاول ڀٽو ۽ شهباز شريف پڻ اهڙو مطالبو ڪيو هو. اپوزيشن ۽ حڪومت ۾ درپرده معاملا طئي ٿيڻ بعد بجٽ تي بحث شروع ٿيو هو ۽ شهباز شريف ٽن ڪلاڪن جي تقرير ۾ بجٽ کي عوام دشمن قرار ڏيندي رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. هن حڪومت تي تنقيد به ڪئي هئي، جنهن جو جواب ڏيندي عمر ايوب چيو هو ته مسلم ليگ ۽ پيپلز پارٽي پرڏيهي قرض وٺي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو