زرداري جا وارنٽ ۽ نواز شريف خلاف اشتهار جو عدالتي حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت نيب پاران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف خلاف داخل ڪيل توشه خانه ريفرنس ۾ ڪاروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. عدالت آصف علي زرداري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ ۽ نواز شريف خلاف روپوش قرار ڏيڻ جي ڪاروائي جي منظوري ڏني آهي. هنن ٻنهي تي الزام آهي ته سرڪاري عهدن دوران مختلف ملڪن پاران مليل قيمتي تحفا جن ۾ گاڏيون به شامل آهن اهي ڀڳڙن مٺ تي خريد ڪري قومي خزاني کي نقصان پهچايو آهي. احتساب عدالت جي جج اصغر علي جي عدالت ۾ ڪاروائي شروع ٿي ته نيب جي پراسيڪيوٽر مظفر علي چيو ته نواز شريف کي سمن نه ملي ڇو ته هو لنڊن ۾ آهي ۽ پرڏيهي کاتي ذريعي سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪريو. هن عدالت کي چيو ته سمن جي باوجود آصف زرداري به پيش ناهي ٿيو، هن جا به ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪيو. هن چو ته يوسف رضا گيلاني کي عدالت حاضري کان آجو قرار ڏنو ته اڄ سندس وڪيل به ناهي آيو. فاروق ايڇ نائڪ چيو ته هو زرداري جو وڪيل آهي هو وڏي عمر جو آهي ۽ اڳوڻو صدر آهي ان کي حاضري کان آجو قرار ڏيو، مان عدالت م موجود آهيان. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا جو زور آهي زرادري ايندو ته رش ٿيندي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته رش ڪنٽرول ڪرڻ انتظاميه جو ڪم آهي. عدالت زرداري جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ ۽ نواز شريف خلاف اشتهار جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 17 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو