زردارين ۾ فيصلي دوران جهيڙو پوليس اهلڪار رتو رت

نواب شاھ (رپورٽ: اي ڪي ڏاھري)ڳوٺ حاجي محمد لائق خان زرداري ۾ چڱن مڙسن جي فيصلي دوران جھيڙو ٿي پيو جنھن ۾ ھڪ ڌر جو ڪھاڙين ۽ سرئي سان حملو ، پوليس اھلڪار مومن زرداري سخت زخمي ٿي پيو. زخمي کي پي ايم يو اسپتال نوابشاھ آندو ويو ان موقعي تي زخمي جي وارثن ٻڌايو ته اسان جو برادري جو فيصلي دوران جھيڙو ٿيو جنھن ۾ پوليس اھلڪار مؤمن زرداري کي سريا ۽ ڪھاڙي لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي پي ايم يو اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ آندو ويو جتي سندس زخمي ۽ وارثن عنايت الله زرداري ٻڌايو ته اسان جو پنھنجو برادري فيصلو رئيس بھاول خان زرداري جي اوطاق تي ھلي رھيو ھيو ۽ حملو ڪندڙ سامھون واري ڌر ارشاد ، امتياز ، اسد ،عزيز زرداري مؤمن زرداري تي حملو ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو آھي جنھن جي اين سي تعلقي ٿاڻي تي داخل ڪري ميڊيڪل ليٽر جاري ڪري اسپتال روانو ڪيو ان موقعي تي زخمي جي وارثن ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد کان گھر ڪئي ته فوري طور جوابدار گرفتار ڪيا وڃن جڏھن ته جھيڙي جو ڪيس چار جوابدارن تعلقي ٿاڻي تي داخل ڪري ڇڏيو آھي .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو