زال مڙس کي ڪارو قرار ڏئي قتل ڪري ڇڏيو

ملير(ن س ) منگهو پيري ۾ زال طلاق جي ڌمڪي ڏيڻ تي مڙس کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب موجب جوابدار عورت مڙس عثمان کان گهر جو خرچ گهريو جيڪو نه ڏيڻ ۽ مبينه طور ٻئي عورت سان ناجائز لاڳاپا هجڻ جي شڪ ۾ کيس قتل ڪيو آهي. جاچ آفيسر شڪيل رند موجب عثمان جي زال جو چوڻ آهي ته خرچ نه ڏيڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي مڙس مٿان فائرنگ ڪيم. پوليس موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ مڙس ٿڏي تي مارجي ويو. فائرنگ کان پوءِ زال واقعي واري هنڌان فرار ٿي وئي. پاڙيسرين جي اطلاع تي پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار عورت کي گرفتار ڪري ورتو. جاچ دوران جوابدار عورت جي نشاندهي تي پوليس هٿيار به هٿ ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته وڌيڪ جاچ کان پوءِ ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي. جڏهن ته مقتول جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ موڪليو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو