زائرين جي واپسي، ميهڙ ۾ ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ اڻلڀ

ميهڙ (غلام حسين پنھور) مختلف ڳوٺن مان 87 کان وڌيڪ ماڻهون زيارتن لاءِ ايران ۽ عراق ويل آهن جن مان 20 کان مٿي ماڻهو موٽي آيا آهن. جن ۾ سيد منظور شاهه ، اختيار کوسو، زبيده ٺوڙهو ، عبدالحميد، سهيل ڪلهوڙو ، سيد اختر شاه، بيبي رباب خاتون، قمرالنساء ٺوڙهو، نرگس زهرا بتول .ام سلمه ٻگهيو ام فروا ٻگهيو مهدي رضا منظور مهيسر خورشيد بيگم نجمه بيگم لياقت ڀنڊ سميت 20 ماڻهون زيارتون ڪري واپس ميهڙ پهتا پر سيڪريٽري هيلٿ جي حڪم تي تعلقه اسپتال ميهڙ ۾ هڪ مخصوص روم سيٽ ڪيو ويو هو جنهن ۾ نه آڪسيجن نه ئي پراپر ڊريسنگ جو سامان نه دوائون نه انٽري رجسٽر ۽ نه وري ڪو اسٽاف مقرر ڪيو ويو آهي جڏنهن ته فوڪل پرسن ڊاڪٽر هدايت الله کوسو ڊاڪٽر صادق لاکير ۽ ٽيم جي غير ذميواري سبب زائرين جون ٽيسٽون صحيح نه ٿي سگهيون. دوري تي آيل ڊي ايڇ او دادو ڊاڪٽر زاهد حسين ڏاوچ به ڪي اپاءَ نه ورتا ۽ نه وري صحافين کي ڪرونا وائرس بابت ڪو موقف ڏنو ٻئي پاسي عوامي شڪايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر ميهڙ غلام شبير رند اچانڪ تعلقه اسپتال ميهڙ پهچي مخصوص رووم جو دورو ڪيو ۽ اڻپورن انتظامن تي ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ فوڪل پرسنز سان ميٽنگ ڪري ڊيوٽي جو پابند بڻائڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو