رڳو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بند ڪئي وئي آهي،بلاول

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي بيروزگار ڪري ڪهڙو پيغام ڏنو پيو وڃي، ايف آءِ اي مان سنڌي ملازمن کي ڪڍيو ويو، حيرت آهي ته رڳو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بند پيل آهي، ٻين صوبن ۾ ته اُهي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، ڪراچي ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو آهي ته ڪجهه قوتون، سياسي پارٽيز ۽ ڪجهه ماڻهو صوبن کي ڳنڍڻ واري پارلياماني نظام تي حملي آور آهن، اسان کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏنل نظام ۽ 73ع واري آئين جو دفاع ڪرڻو آهي، پ پ چيئرمين چيو آهي ته مالياتي ايوارڊ بنا بجيٽ ڏئي صوبن جي حقن تي ڌاڙو هنيو وڃي ٿو، اسان ڪيستائين اهو ظلم برداشت ڪنداسين، وڏي وزير صوبي تي معاشي ۽ آئيني حملن خلاف آواز اٿاريو آهي، هاڻي اسان هر ضلعي ۾ وڃي ٻڌائينداسين ته عوام جي حقن تي ڪيئن ڌاڙو هنيو پيو وڃي، پاڻي ۽ گئس کانپوءِ سنڌ ۾ روزگار تي به حملا ڪيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو آهي ته اهڙو پاڪستان ٺاهيو جنهن ۾ عام ماڻهو تائين روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان پهچي، جيڪو نئون پاڪستان ٺهي رهيو آهي اهو سڀني جي سامهون آهي، نئين پاڪستان عوام کان روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان کسيو پيو وڃي، 60 سالن کانپوءِ پاڻي جو وڏو مسئلو آهي، ارسا جي خلاف پ پ آواز اٿاري، پ پ جي احتجاج جي ڪري ارسا کي پوئتي هٽڻو پيو، ذوالفقار علي ڀٽو سڀني صوبن کي جوڙيو، هن چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ نه ڏئي ظلم ڪيو پيو وڃي، هڪ صوبي کي نشانو بڻائي ان جي هر اسڪيم کي هٽايو ويو، سنڌ کي ان جا وسيلا نٿا ڏنا پيا وڃن، ڪراچي لاءِ پيڪيج جي ڳالهه ڪئي پر ڪجهه به نه ٿيو، اسان کي وسيلا ۽ حق ڏنا وڃن ته بهتر ڪم ڪري سگهجي پيو، ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ غربت گهٽ ٿي آهي، باقي صوبن جي نسبت سنڌ ۾ گهڻي معاشي ترقي ٿي، پر اسان واويلا نه پيا ڪيون. هن چيو آهي ته مشڪل معاشي حالتن ۾ به ماڻهن کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي، پاڪستان اسٽيل جي 10 هزار خاندانن کي بيروزگار جو مسئلو آهي، اسان پنهنجي دور ۾ ڪنهن کي به نوڪري مان ناهي ڪڍيو..

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو