ريگستاني علائقن ۾ کبڙ جي وڻن ۾ واڍي جاري


صالح پٽ(رپورٽ نياز مهر )ريگستان جي مختلف علائقن ۾ لئو ڪنڊي ڪرڙ ۽ ٻين وڻن سميت کبڙ جي واڍ عروج تي پھتل ليڪن لاڳاپيل انتظاميا اگھور ننڊ ستل ٿر واسين جو چوڻ آھي ته اسانجو ٿر جڏھن به مينھن وسندو ھيو ته تفريح لاء پري پري کان ماڻھو ٿر ۾ سونھن ڏسڻ لاء ايندا ھيا پر ھاڻي ٿر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ توھان کي ٻوھن کانسواء ٻيو ڪوبه وڻ ڏسڻ ۾ نه ايندو.

Photo Sindhyar

جڏھن ريگستان جي سونھن ختم ھوندي ته تفريح لاء ڪير ايندو ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪنڊي جا سڱر ڪرڙ جا ڏيلھون کبڙ جا پيرون اسان جي اوٺي ۽ ٻاڪري مال جي چاري ۾ پھرين نمبر تي آھن ان سان گڏوگڏ ٿر جي سونھن ۾ به انھن وڻن جو اھم ڪردار آھي ان سان گڏوگڏ اسان غريبن کي پنھنجن جھوپڙين ٺاھڻ ۾ ڀرپور مددگار ثابت ٿيندا آھن انھن اھو به چيو ت جيڪڏھن ايئن ناياب نسل جي وڻن جي واڍي ھلي ته چند ڏينھن ۾ ٿر جي سونھن زبون حالي جو شڪار ٿي ويندي ۽ اسان جو چوپايو مال بکن وگھي مري ويندو ڇاڪاڻ ته ھينئر اسان وٽ انھن وڻن جي ميوي کان علاوھ چوپائي مال جو ڪوب چارو وغيرھ ناهي. ٻيلي کاتي وارا ٿر مان وڻ وڍڻ واري مافيا سان ٻٽ بڻيل آھن

پهنجو تبصرو موڪليو