ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ ريپ ڪيسن ۾ گائيڊ لائنز جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت پاران سمورين ضلعي ۽ دهشتگردي ٽوڙ عدالتن کي ريپ ڪيسز بابت ايس او پيز کان آگاهي ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. گائيڊ لائنز موجب ميڊيڪل ڪرڻ کان اڳ متاثر عورت کي ڪپڙا ناهن ڌوئڻا ۽ نه ئي وهنجڻو آهي، ان کي يقيني بڻائڻ جي ذميواري پوليس جي آهي، ريپ ڪيس جي متاثره عورت کان ڊي اين اي جا نمونا عورت ڊاڪٽر ئي حاصل ڪري سگهي ٿي، ريپ ڪيس جو ڪيس فوري داخل ڪري ڊاڪٽر کي آگاه ڪيو وڃي، ڊي اين اي جا نمونا 24 ڪلاڪن اندر ليبارٽري ۾ پهچائڻا پوندا، عدالت چيو ته ذميوار پوليس آفيسر فوري طور تي واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪندو ۽ فورينزڪ ٽيم جو بندوبست ڪندو، واقعي واري هنڌ کي فوري طور سيل ڪيو ويندو، اطلاع ملڻ تي ، لاڳاپيل آفيسر فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي، چالان ۽ ڊي اين اي رپورٽ گڏ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت، ڊي اين اي نموني لاءِ متاثر کي انتظار ڪرائڻ جي ضرورت ناهي، ڊي اين اي حاصل ڪرڻ لاءِ سواب، فنگر پرنٽس ، ڏند ، رت ۽ پگهر جا نمونا حاصل ڪيا ويندا، شاهديون گڏ ڪرڻ وقت کنگهڻ، ڳالهائڻ ۽ ڇڪ ڏيڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. ياد رهي ته ريپ جو شڪار ناري ڪائنات سومرو توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن تي عدالت فيصلو ڏنو آهي.
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، پرڏيهي آفيس
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب ميچ ڪينسل