رينٽل پاورڪيس ۾ راجا ڏوهه جو انڪاري، فرد جرم عائد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) محمد ارشد ملڪ تي مشتمل احتساب عدالت رينٽل پاور پراجيڪٽ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. راجا پرويز اشرف ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. عدالت 7 آگسٽ تي کيس ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي. هوڏانهن اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي حوالي سان ضمني ريفرنس جي ٻڌڻي 10 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي. ريفرنس جي جاچ آفيسر نادر عباس جو بيان مڪمل رڪارڊ نه ٿي سگهيو. ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر نادر عباس جو بيان رڪارڊ ڪيو ويندو. هوڏانهن مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نارووال اسپورٽس ڪمپليڪس ڪيس ۾ نيب آڏو پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو. بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته مون نارووال جي عوام کي راندين جي سهولت ڏني آهي جيڪڏهن اهو ڏوهه آهي ته اهڙا ڏوهه ڪندا رهنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو