رينا ۽ روينا بالغ آهن عدالت مڙسن سان رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪميشن جي رپورٽ بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ “گهوٽڪي گرلز” جي جبري مذهب تبديل ڪرڻ واري تاثر کي رد ڪندي کين مڙسن سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ڪميشن چيو ته ڇوڪريون بالغ آهن ۽ مرضي سان شادي ڪئي اٿائون. عدالت چيو ته ڇوڪرين جي بيان بعد صورتحال واضح ٿي چڪي هئي پر عدالت  معاملي جي حساسيت کي ڏسي وڌيڪ جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو  ته جيئن سندن والدين کي اطمينان ٿي. خميس تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڏهرڪيءَ جي نارين رينا ۽ روينا کي مذهب تبديل ڪرائي شادي ڪرائڻ جي معاملي تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران وفاقي گهرو سيڪريٽري، جاچ لاءِ جُڙيل ڪميشن جا ميمبرز ۽ نارين جا والدين پيش ٿيا. گهرو سڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته هنن ڇوڪرين ۽ سندن مڙسن جا علحده علحده بيان رڪارڊ ڪيا ۽ طبي چڪاس ۾ سندن عمر 18 ۽ 19 سال سامهون آئي آهي. عدالت آءِ اي رحمان کان پڇو ته هن چيو ته جبري مذهب مٽائڻ بابت ڪو قانون ئي ناهي. چيف جسٽس اميد ظاهر ڪئي ته پارليامينٽ ان ڏس ۾ قانون سازي ڪندي.عدالتي حڪم تي جوڙيل ڪميشن ۾ انتهائي ساک وارن ۽ انساني حقن جي علمبردارن کي شامل ڪيو ويو هو. جن ۾  انساني حقن بابت وزير ڊاڪٽر شيري مزاري، انساني حقن جي ڪميشن جو چيئرمين ڊاڪٽر مهدي حسن، آءِ اي رحمان، مفتي تقي عثماني ۽ عورتن جي حقن بابت ڪميشن جي سربراه خاور ممتاز شامل هئا. ميگهواڙ خاندان جي رينا ۽ روينا هاڻي ناديا ۽ آسيه سڏائن ٿيون، سندن مڙسن صفدر ۽ برڪت سان گڏ رهنديون. سندن والدين فيصلي تي مايوسي ظاهر ڪئي آهي. ياد رهي ته هولي واري ڏينهن ڇوڪرين جي والدين اغوا ۽ جبري مسلمان ڪرڻ تي احتجاج ڪيو هو جنهن بعد ڇوڪرين جي ويڊيو سامهون آئي ته هنن رضا خوشي سان خانپور ڪٽورو ۾ نڪاح ڪيو آهي. جنهن بعد هو گجرانوال ويون ۽ آخر ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سندن مڙسن پٽيشن داخل ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو