رياض چانڊئي ۽ ٻين جي حفاظتي ضمانت منظور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بحريا ٽائون ڀڄ ڊاھ ۽ باھ واري ڪيس ۾ عدالت رياض چانڊيو ۽ ٻين جي حفاظتي ضمانت منظوري ڪري ورتي آھي، بحريا ٽائون خلاف ڌرڻي بعد ڪيس داخل ۽ گرفتارين کانپوءِ قومپرست اڳواڻن رياض چانڊيو، خالد جوڻيجو، گل حسن ڪلمتي ۽ ٻين حفاظتي ضمانت لاءِسنڌ ھاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو، عدالت اڳواڻن جي 25، 25 ھزارن جي عيوض 7 ڏينھن جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آھي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ جوابدارن کي 7 ڏينھن اندر ٽرائل ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو